ذوالفقار علي ڪلهوڙو

ذوالفقار علي ڪلهوڙو

ذوالفقار علي ڪلهوڙو

ذوالفقار علي ڪلهوڙو: نوجوان ائنٿراپالجسٽ ۽ محقق، ذوالفقار علي ولد مير محمد ڪلهوڙو، چوٿين جنوري 1977ع تي وارهه تعلقي جي ڳوٺ آباد ڪلهوڙا ۾ ڄائو. سندس ڪٽنب محرابپور، ضلعي خيرپور ۾ لڏي اچي اهو ڳوٺ آباد ڪيو. هن ابتدائي تعليم مقامي سطح تي ورتي ۽ 1996ع ڌاري شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور مان گريجوئيشن ڪيائين. جنهن بعد قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد مان 2001ع ڌاري ائنٿراپالاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي؛ 2007ع ۾ ساڳئي مضمون ۾ ايم. فل مڪمل ڪيائين ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ ساڳيءَ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ’ٽيڪسيلا انسٽيٽيوٽ آف ايشين سويلائيزيشن‘ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري رهيو آهي.
ذوالفقار علي ڪلهوڙي مختلف ۽ منفرد موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا آهن، جيڪي هن قومي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پڙهيا ۽ مختلف جرنلن ۾ شايع پڻ ڪرايا آهن. 2000ع کان 2001ع تائين گلگت ۾ ’بين الاقوامي اداره براءِ تحفظِ ماحوليات‘ (IUCN) ۾ ڪم ڪيو.
هن ٽيڪسيلا انسٽيٽيوٽ آف ايشين سويلائيزيشن ۾ ريسرچ آفيسر طور جون 2002ع کان فبروري 2003ع تائين ڪم ڪيو. هن وقت هي پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪانامڪس (PIDE) ۾ ريسرچ ائنٿراپالاجسٽ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن سنڌ جي قديم آثارن تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، جنهن ۾ کيرٿر جبل ۾ قديم آثارن کي جانچي انهن تي لکيو آهي. انٿروپالاجسٽ هئڻ ڪري هن سنڌ جي قديم قبيلن رٻارين، جنڊ آهوڙن، ڪن ڦاڙ جوڳين ۽ ٻڙهن تي واکاڻ جوڳو ڪم ڪيو آهي.
ذوالفقار ڪلهوڙي جي تحقيقي مقالن مان ڪي اهم هيٺ ڏجن ٿا:
(1) Funerary Memorial Architecture of Kalhora and Talpur Periods in Sindh, (2) Hindu Shrines in Umarkot, Sindh, (3) Jain Temples in Nagarparkar, Sindh, (4) Historical perspective on Kertigad..The capital of Makwanas of Sindh, (5) Folk Deities of Tharparkar, (6) The Pantheon of the Rabari tribe in Nagarparkar, (7) Hunting techniques of Jandawra community of Rajo Nizamanis, Sindh, (8) Megaliths of Thana Bula Khan, (9) Buddhist engravings in Gaj Valley, Khirthar, (10) Bronze Age Rock Art in Sallari Valley, Khirthar, (11) Zoroastrian symbols in Rock art of Angai Valley, Khirthar, (12) Gabarbands/Gorbands in the Valley of Maher, Karachi, (13) Mystery of Dolmens of Karachi district, (14) Talpur Monuments at Drigh Bala, (15) Suhrawarddiya Saints in lower Sindh, (16) Ismaili Shrines in Lower Sindh, (17) Chaukhandi tombs at Hinidan, (18) Sikh Darbars in Upper Sindh, (19) Talpur Tombs in Rohri, Sindh, Journal for Asian Civilizations, (20) The forgotten Necropolis of Manikani Talpur in Badin, (21) ‘Tombstones of Fallen Heroes’, Suomen Antropologi, (22) ‘Representations of Music and Dance in Islamic tombs of Sindh, Pakistan’, (23) The rock carvings in Shakloi Dhoro of Gaj (Sindh), (24) Depictions of Folk Romance of Moomal Rano in Kalhora period tombs in Larkana.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.01.04  عيسوي

نوجوان ائنٿراپالجسٽ ۽ محقق، ذوالفقار علي ولد مير محمد ڪلهوڙو، چوٿين جنوري 1977ع تي وارهه تعلقي جي ڳوٺ آباد ڪلهوڙا ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڍير مٺو فقير لُنڊ
ڏهراج محمد عبدالعزيز
پير محمد هاشم جان سرهندي مولانا
عبدالمجيد جمالي
محمد عباس سومرو
بادو درويش
آصف اقبال
جتوئي محمد ابراهيم
پارو شاهه
جلال فقير ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون